انڊس هيلٿ اينڊ ھاسپيٽل نيٽ ورڪ )آئي ايڇ ايڇ اين( ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ھي رپورٽ ٻوڏ ۽ گرميء ِ جي لهرن دوران انساني صحت تي پوندڙ منفي اثرن کي سمجهڻ الِء تيار ڪئي وئي آهي. ھي رپورٽ آئي ايڇ ايڇ اين جي ٽن اسپتالن ۾ ٿيندڙ 219 فوتگين بابت ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪيل مشاھدي بابت آھي، جنهن ۾ متاثر خاندان، صحت سان الڳاپيل عملو، اين جي او اسٽاف ۽ سرڪاري عملدارن جا انٽروويوز شامل آهن. ھي رپورٽ اھو جائزو پيش ڪري ٿي ته اچانڪ ايندڙ آفتن دوران ماڻهون صحت جون سھولتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪھڙين ڏکيائين کي منھن ڏين ٿا جيڪي درپيش نھ ھجن ھا تھ ڪيتريون ئي زندگيون بچي سگھيون پئي. ھي رپورٽ انهن خاص خطرن کي اجاگر ڪري ٿي جنکي وڏي ڄمار وارا بزرگ ۽ ٻار منهن ڏين ٿا. انهن واقعن سان الڳاپيل ڪيترين ئي فوتگين کي سرڪاري طور تي رڪارڊ نه ڪيو ويو، جنهن جي ڪري سرڪاري موت جي انگن اکرن ۾ هڪ اهم گهٽتائي نظر اچي ٿي.

